ناميارو تعليمدان الحاج غلام مصطفيٰ شاهه

ناميارو تعليمدان الحاج غلام مصطفيٰ شاهه

الحاج غلام مصطفيٰ شاهه

الحاج غلام مصطفيٰ شاهه: سنڌ جي نامياري تعليم دان، عالم، تاريخدان، ايڊيٽر ۽ پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو جنم 1-اپريل 1918ع تي ٿيو. هن سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه، ڪنگز ڪاليج انگلنڊ ۽ ايسٽر ڪاليج آڪسفورڊ مان تعليم حاصل ڪئي. اعليٰ تعليم جي حاصلات کان پوءِ درس ۽ تدريس جي شعبي سان لاڳاپجي ويو. لاڳيتو 14 سال سنڌ مسلم ڪاليج جو پرنسپال رهيو. 10 سالن تائين پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ ڊائريڪٽر تعليم رهيو. 5 سالن تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. سيد غلام مصطفيٰ شاهه 1973ع ۾ ’سنڌ ڪوار ٽرلي‘ جي نالي سان هڪ اعليٰ پايي جو انگريزي تحقيقي رسالو جاري ڪيو. جنهن جو پاڻ ايڊيٽر ۽ پبلشر رهيو. شاهه صاحب، قائداعظم اسٽيٽ جو ٽرسٽي پڻ رهيو. سنڌ مدرسي بورڊ جو سڄي حياتي ميمبر رهيو. ۽ ان جو 10 سالن تائين صدر به رهيو. پاڪستان اسڪائوٽس ائسوسيئيشن جو 10 سالن تائين نئشنل ڪمشنر رهيو. انٽر يونيورسٽي بورڊ پاڪستان جو 12 سالن تائين ميمبر رهيو. 1988ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ وفاقي وزير تعليم مقرر ٿيو. شهيد ذوالفقار ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽئڪنالاجي ڪراچيءَ جو وائيس چيئرمئن ۽ سيڪريٽري بورڊ آف گورنرز رهيو. شاهه صاحب انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ مرتب ڪيا. هن هڪ اهم ڪتاب ’انڊس فيلڊس ائنڊ ڪرپشنس ان پاڪستان‘ نالي اڪيڊمي آف ليٽرس يونيورسٽي آف انگلينڊ لاءِ شريڪ ايڊيٽر طور مرتب ڪيو. سنڌ سرونٽس سوسائٽيءَ جو صدر ۽ شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. شاهه صاحب کي تعليم، تدريس ۽ تصنيف سان گڏوگڏ کيتي ٻاڙي ۽ وڻڪاريءَ جو به شوق هو. سندس اهم مشغلو قيمتي لڪڻ گڏ ڪرڻ هو. هن 67 ملڪن جو سير ۽ سفر ڪيو ۽ هر ملڪ مان بهترين لڪڻ گڏ ڪيائين، جن جو تعداد 250 کان به مٿي ٿيندو. شاهه صاحب استاد، ڪتاب، سنڌي سماج ۽ عورتن بابت ننڍڙا ڪتابڙا ڇپرايا. سندس انگريزي ڪتابن ۾ ’انگريز هندستان ۾‘، ’انگريزن جو ورثو‘، ’هڪ پرنسپال جون يادون‘، ’سنڌ جا مسلمان‘ مشهور آهن. سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ ”ٻه ڪتاب“ مشهور آهن، جنهن ۾ هن ۽ سندس گهرواريءَ، عزيزه بيگم، مرحوم محمد اسماعيل عرساڻيءَ جا ٻه ڪتاب ’سنڌي سٻاجهڙا‘ ۽ ’بدنصيب ٿري‘ گڏي ڇپايا. شاهه صاحب جون علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتون سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. شاهه صاحب 1988ع ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو رحه جي دور حڪومت ۾ وفاقي وزير تعليم به رهيو. هن جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي عمارتن ۽ سنڌالاجيءَ جي خوبصورت بلڊنگ جي اڏاوت ۾ وڏو هٿ آهي. هن سنڌ بابت مختلف موضوعن تي يادگار ڪانفرنسون ڪرايون. سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪراچيءَ مان سنڌ ڪوارٽرلي انگريزي ماهوار رسالو پڻ جاري ڪيو هو. سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي وفات 9 آڪٽوبر 1999ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.00.00  عيسوي

پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو جنم 1918ع ڌاري ٿيو


1999.10.09  عيسوي

غلام مصطفيٰ شاهه جي وفات 9 آڪٽوبر1999ع تي ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀاڳو ڀانُ
ڏهراج محمد عبدالعزيز
پليجو عبدالرحمان
پير رکيل ريلائي
ابراهيم شاهه واڙيءَ وارو
اشرف شاهه ڪامارائي
سيده نفيسه شاهه
ملا حسن درساڻي
تولڙو بابا
درازي سخي قبول محمد ٽيون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون